سيڙپڪاري کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي: وزيراعظم عمران خان

image
APP85-03 ISLAMABAD: January 03 - Prime Minister Imran Khan addresses at the groundbreaking ceremony of Allama Iqbal Industrial City. APP

فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سيڙپڪاري کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ترقي لاءِ صنعتون قائم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، زرعي پيداوار ۾ اضافي، سياحت جي فروغ ۽ فني تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، کين مناسب ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، غربت ۾ گهٽتائي لاءِ چين جا قدم اسان لاءِ مثال آهن، نيب قانونن ۾ تبديلي کانپوءِ بيورو ڪريسي وٽ هاڻي ڪو به بهانو نه هوندو، ڪم تيز ڪرڻو پوندو، پنجاب ۾ ڪو به قاتل، ڌاڙيل ۽ مافيا نظر نه اچن گهرجي، خصوصي اقتصادي زونز تي ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال انڊسٽريل اسٽيٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت