اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪي تشخص، تهذيب ۽ ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما ان??سٽري جو ڪردار ۽ سينيما ان??سٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس هتي منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??رو وزير سينيٽر شب??ي فراز، صنعت و??رو وزير محمد حماد اظهر ، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، سينيٽر فيصل جاويد خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن ش??ڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ سينيما جي بحالي ۽ ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما ان??سٽري جي اهم ڪردار جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سينيما ان??سٽري کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.