اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪ??مت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ س??ورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪ??ت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ س??ورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿ?? وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ ??انپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.