اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ لاڪ ڊائون سان واڳيل حقيقتن طرف نشاندهي ڪئي آهي ۽ هو عوام کي ذميواري جو احساس ڏياري رهيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي آه??، نه ٿا چاهيون ته اه??ا قدم کڻون جنهن سان معاشي زندگي رڪجي وڃي ڇو ته ان سان ٻيا بحران پيدا ٿيندا، وزيراعظ?? عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي، عوام به ذميواري جو مظاهرو ڪري، موجوده صورتحال ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح پيغام آهي ته ر??زا??ي جا معاملا هلڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن جا معمول جا ڪم متاثر نه ٿين.