ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي ??هت?? ٿيندو ته پاڪستان ??هت?? ٿيندو، گذريل حڪومت جي دور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور ??هت?? ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محر??م رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن ??حت ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن ??ان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي دور ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رستن جي تعمير شامل هئي.