اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان ??ڪومت سان گڏجي ??م ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??ي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ??م ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان ??والي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان ??ان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان ??ي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻو پوندو، اسان ??فغان ??بوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ??ان ??عاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ??ي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان ??ي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو ا??لا?? ڪيو آهي.