جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان موسمياتي تبديلي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آ??ي، ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. حڪومت سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آ??ي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آ??ي، موسمياتي تبديلي جي اثرن ?? اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آ??ي، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو چئلينج سامهون آ??ي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان تمام خراب ريت متاثر ٿيو آ??ي، هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو هڪ واضح مثال آ??ي، پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ سبب تباهي ٿي آ??ي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آ??ي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آ??ي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻهو امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آ??ي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ واري آ??ي، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمو??ا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آ??ي، پاڪستان اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگ??ي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم کنيا وڃن.