اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صد?? شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پا??ستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پا??ستان ??ي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پا??ستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چين جي صد?? ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صد?? شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائ??ن وانگر چين ??ي قيادت ۽ عوام پا??ستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صد?? شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پا??ستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين ک??پ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پا??ستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پا??ستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن ک?? چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ رونگ چين ??ي قيادت جي فيصلي سان پا??ستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.