مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اڄ جمعي ڏينهن آزاد ??شم??ر ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آئيني ترميم ذريعي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن جي خلاف اڄ 5 آگسٽ تي رياست ڄمون ۽ ??شم??ر جي ٻنهي طرفن جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ??شم??ر جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گادي واري شهر مظفر آباد ۾ سڀ کان وڏي ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ??شم??ر ۽ پاسبان حريت جي گڏيل سهڪار سان مرڪزي پريس ڪلب آڏو آزادي چوڪ کان گڏيل قومن جي مشن آفيس تائين پيادل مارچ ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي نالي ڀارتي ظلمن ۽ معصوم ??شم??رين جي قتلام، دنيا جي ڊگهي ترين لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي ل??ڳو هجڻ تي احتجاجي ميمورنڊم پيش ڪندي. ريلي جي قيادت آزاد ??شم??ر قانونساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري ل??يف اڪبر، پاسبان حريت جو چيئرمين عزيز احمد غزالي، پيپلزپارٽي جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير، وائيس چيئرم??ن مشتاق السلام ڪندا. پارٽي صدر چوڌري محمد ياسين، سيڪريٽري جنرل فيصل ممتاز راٺوڙ، آزاد ??شم??ر، پناهگيرن ۽ ٻاهرئ??ن ملڪ ۾ ق??ئم تنظيمن کي ڀرپور احتجاجي ريليون ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.