ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر م??اوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه وي??ند??سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي ??رساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نقصان سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، انهن جي خاندانن جي بحالي ??سان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گهرن تائين پهچائي وڃي، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، زخمين کي به فوري طور ??ي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور ??ي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيستائين آخري متاثر گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه وي??ند??سين. هن چيو ته سرنديءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان حوالي ??ان 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي ??ائزو ورتو ويندو.