انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بج??ٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ ??ار??نرشپ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ ??عا??ي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پ??را?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پ??را?? ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.