اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??وجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ترقي ??اءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪي بقا ۽ ترقي ??اءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن ??و اظهار هن عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر ايمل ولي خان سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زير ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق به شريڪ هو، ملاقات ۾ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ??وجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ترقي ??اءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪي بقاءُ ۽ ترقي ??اءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ايمل ولي خان وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان جي ٻيلن ۾ باهه تي فوري نوٽيس ۽ ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو.