اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ، فيڪ نيوز ۽ ڪردارڪشيءَ جي ??اءِ سوشل ميڊيا جي ا??تعمال جي ا??ازت هرگز نه ڏينداسين، پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي تحفط فراهم ڪري ٿو، آئين جي ??نافي ڪنهن به پوسٽ جي ا??ازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽڪ ٽاڪ جي ريجنل هيڊ آف ايشيا پيسيفڪ جي ??يادت ۾ 6 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ ريجنل هيڊ آف ايشيا پيسفڪ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي (ٽي اينڊ ايس) جياگن عيپ، ريجنل هيڊ اي پي اي سي آئوٽ ريچ ڪيري ووڊز، هيڊ جي آر پاڪستان فهد نيازي، هيڊ پبلڪ پاليسي پروگرام زاره بشارت، ٽرسٽ اينڊ سيفٽي پاڪستان جي عاصمه انجم ۽ ثانيه اختر شامل هئي. وفد سان ڳالهائيندي ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? عوام کي ٽڪ ٽاڪ جي ا??تعمال بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي ??اءِ ٽڪ ٽاڪ انتظاميا مقامي زبان کي ترجيح ڏي. هن چيو ت?? ماضي ۾ جن سببن جي ڪري ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ٿي، انهن کي نظر ۾ رکندي ٽڪ ٽاڪ انتظاميا موثر قدم کنيا. هن چيو ت?? نوجوانن کي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز جي تياري جي حوالي سان سيفٽي ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? پاڪستان جي 75 سالا گولڊ جوبلي تقريبن ۾ ٽڪ ٽاڪ سان پارٽنرشپ ڪئي ويندي، ان پارٽنرشپ جو مقصد نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ انتظاميا اطلاعات واري وزارت جي انتظام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ??ليٽ فارم کي پڻ آگاهي جي ??قصدن جي ??اءِ استعمال ڪري سگهي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ت?? والدين کي به ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي معاشرتي ۽ مذهبي قدرن جي حوالي سان آگاهي ڏيڻي پوندي. هن يچو ت?? پي بي اي سان گڏجي آگاهي مهم هلائي سگهجي ??ي، اطلاعات واري وزارت ان ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ تي صحت جي حوالي سان مهمن کي به فروغ ڏئي سگهجي ??و، اهڙي طرح وڌ کان وڌ ماڻهن کي صحت جي حوالي سان آگاهي ملندي. ان موقعي تي ٽڪ ٽاڪ جي ??فد جي ??يمبرن ڳالهائيندي چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ ايپ حڪومت سان پارٽنرشپ جي ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ت?? پاڪستان جي ثقافت ۽ قدرن جي ??روغ لاءِ پڻ ٽڪ ٽاڪ ايپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وفد جي ??يمبرن چيو ت?? ٽڪ ٽاڪ تي ڪڏهن به رياست مخالف ۽ توهين مذهب جي حوالي سان مواد شيئر ناهي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ت?? پاڪستان جي ??ومي ڏينهن ۽ پي ايس ايل جي ??وقعي تي ٽڪ ٽاڪ ايپ تي قومي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ لکين وڊيوز تيار ٿيون، مستقبل ۾ به ان جذبي کي برقرار رکيو ويندو ۽ قومي ڏينهن جي حوالي سان نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي فروغ ڏنو ويندو. ٽڪ ٽاڪ جي ??فد ملاقات جي ??اءِ وقت ڏيڻ تي ا??لاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا ٿورا مڃيا.