اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثالي دوستي جو هڪ نئون ت??ري??ي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور کانپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي ولد عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي د??وت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آ??ي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چي?? ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو آ??ي جيڪي ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل ت??ري??ي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي دوستي جو هڪ نئون ت??ري??ي باب کوليندو. هن چي?? ته چئن سالن جي گهٻراهٽ جي دور کانپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، سعودي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.