اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان ازبڪستان جي صد?? شوڪت مرزايوف ايوان صد?? ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صد?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ??يش??ا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي اندر وچ ??يش??ا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي وضاحت ڪئي. صد?? عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي ازبڪستان ۽ ٻين وچ ??يش??ائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابطن جي لاءِ هوائي رابطي جي اهميت ت?? پڻ زور ڏنو. ٻنهي صد??ن نوجوانن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. صد?? ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پرامن افغانستان خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صد?? عارف علوي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ايندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جون نيون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاع ۾ تعاون تي اڳڀرائي ۽ هر سطح تي اقتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي صد??ن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ازبڪ صد?? کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو.