ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) سروس تي اط??ينان جو اظهار ڪيو. گرين لائين بس تي پنهنجي ??هرين سفر دوران آفيشل ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبو ڪراچي جي ??اڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها سروس ماڻهن کي آرا??ده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين لائين بس سروس جي ڪري ڪلاڪن جي ڊگهي سفر جو وقت هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي. ان موقعي تي صدر عورت مسافرن کان بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبي بابت انهن جا خيال پڻ پڇيا. صدر کي جواب ڏيندي مسافرن چيو ته اهي هن سروس مان مطمئن آهن ڇو ته انهن کي آرا??ده سواري ملي رهي آهي. هنن صدر کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ٽي گرين لائين ٽرانسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آهي. عورت مسافرن بس سروس تي صدر جا ٿورا مڃيا. ??ن کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ سفر ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پڻ صدر سان گڏ هئا.