??سل??م آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت سول ۽ فوجداري نظام عدل جي قانون ۾ ضروري تبديلين سان ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي موثر ۽ هن وقت تائين غربت جي پهچ کي يقيني بڻائي رهيو آه??، 1908ع کان پوءِ پهريون ڀيرو حڪومت سول قانون ۾ تبديلي آڻي رهي آه??، هڪ صدي پراڻي قانونن ۾ اصلاحاتي تبديلي جي حوالي سان ماضي ۾ ڪنهن حڪومت نه سوچيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول قانون ۾ سڌارن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي بدقسمتي رهي آه?? ته ماضي جي حڪومتن جي انهن قانونن ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو وڏو سبب اشرافيا جو انهن قانونن جي آڙ ۾ قانون جي گرفت کان پنهنجي لاءِ راهه فرار جو رستو محفوظ رکڻ هو. هن چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ عدليه آزاد آه??، حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي لاءِ سڌارا کڻي آئي، انصاف جي فوري ۽ يقيني فراهمي جو سڌو سنئون تعلق گورننس جي بهتري سان آه??، هن چيو ته ماڻهن تائين فوري ۽ سستي انصاف جي فراههمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، اجلاس کي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ لاڳو ڪيل سڌارن ۽ آئنده جي لائحه عمل تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وراثتي سرٽيفڪيٽ جي فراهمي ??سل??م آباد ۾ جنوري 2021ع، پنجاب ۽ سنڌ ۾ جون 2021ع ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڊسمبر 2021ع کان يقيني بڻائي پئي وڃي، بلوچستان ۾ به ان جي قانون جي منظوري تي تيزي سان ڪم جاري آه??، هن وقت تائين مجموعي طور تي نئين نظام تحت (15 ڏينهن جي مدي ۾) 10 هزار 485 خاندانن وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو، سمنڊ پار پاڪستانين جي وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ 22 ڪائونٽ??ن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آه??، جنهن ۾ 12 ملڪ شامل آه??، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ لاءِ قانون تحت هڪ سال جي ٿوري مدي ۾ ??سل??م آباد ۾ 198 مان 136، پنجاب ۾ 810 مان 122 ۽ خيبرپختونخوا ۾ 421 مان 78 ڪيسن تي فيصلو ڏنو ويو، ڄاڻايل قانون تحت عورتن کي وراثت ۾ حصي جي فراهمي يقيني بڻائي پي وڃي، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سول نظام انصاف ۽ فوجداري قانونن ۾ اصلاحاتي تبديلين کانپوءِ نه رڳو انصاف جي عمل ۾ تيزي ايندي پر اليڪٽرانڪ ثبوت، اليڪٽرانڪ ايف آءِ آر ۽ ٻين قدمن سان حڪومت جي قانون جي بالادستي ۽ امير ۽ غريب لاءِ هڪ قانون جي منشور کي عملي جامو پارائي سگهجي ٿو. وزيراعظم انهن قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪرڻ، ادا??ن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ۽ تعاون وڌائڻ ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، قانون واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان ۽ صوبائي وزيرن راجا بشارت، فضل شڪور خان ۽ لاڳاپيل صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.