فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??حساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خ??ندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن، هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر اسپورٽس ڪامپليڪس ڊجڪوٽ روڊ فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي ڊويزنل ڊائريڪٽر احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر ڊاڪ??ر فياض احمد کيس بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير سينٽر تي لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ??حساس ڪفالت پروگرام ۾ ه??ارين جي تعداد ۾ ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي رهي آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو هن وقت تائين رجسٽريشن ناهن ڪرائي سگهيا اهي پنهنجي ويجهي نادرا سينٽر تي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ڄاڻايل پروگرام لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خ??ندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته ??هري 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي احساس راشن پروگرام تحت رجسٽريشن ڪرائين ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو احساس ڪفالت لاءِ اهل آهن اهي ئي احساس راشن پروگرام جا به اهل هوندا جنهن جي ذريعي ماڻهن کي 30 سيڪڙو گهٽ اگهن تي اٽو، گيهه، داليون وغيره احساس راشن پروگرام لاءِ چونڊيل ڪريانه ??سٽ??رن تي دستياب هونديون، فرخ حبيب چيو ته ??حساس راش پروگرام جي مد ۾ 112 ارب روپيا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ هڪ سال ۾ 250 ارب روپيا احساس رجسٽريشن سينٽر جي مد ۾ امداد حڪومت فراهم ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ??حساس گريجوئيٽ لاءِ اسڪالرشپ لاءِ حڪومت 50 ارب روپيا ڏئي چڪي آهي، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جاري آهي ته ??يئن جن ماڻهن وٽ لاڀائتا خيال آهن هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن، هن چيو ته ??حساس پروگرام تحت 34 پروگرام هلي رهيا آهن اهڙي طرح پنجاب ۾ صحت ڪارڊ لانچ ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ 400 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ڄاڻايل پروگرام تحت هر سال 10 لک روپين تائين پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيو پر موجوده حڪومت عام ماڻهو جو احساس ڪندي سوشل پروٽيڪشن جا پروگرام شروع ڪيا آهن ته ??يئن گهٽ امدني وارن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مديني جي رياست طرف گامزن ۽ عام ماڻهو جي لاءِ احساس رکي ٿو تنهن ڪري غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.