اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ??دايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ گئ?? جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ ۽ ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبو وڌيڪ دير کانسواءِ مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت پاڪستان ۾ گئ?? جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلا?? جي صدارت ڪ??دي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وير شوڪت فياض ترين، توانائي واري وفاقي وز??ر حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر اسد عمر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر علي حيدر زيدي، وز??راعظم جي خاص معاون محمود مولوي ۽ لاڳاپيل آفيسن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ گئ?? جي طلب، ملڪي ذخيرن مان ??راهمي ۽ ايل اين جي جي کوٽ ۽ درآمد بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ گئ?? جي موجوده طلب 4700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا سرديءَ جي موسم ۾ وڌي 6000 کان 6500 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي وڃي ٿي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئ?? جي موجوده سپلائي 3300 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا هر سال گهٽ ٿي رهي آهي، ان جي ڪري گئ?? جي کوٽ پوري ڪررڻ جي لاءِ ايل اين جي درآمد ڪرڻي پوي ٿي. موجوده انفراسٽرڪچر سان سردين ۾ اٽڪل 1000 ايم ايم سي ايف ڊي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف آپشنز اختيار ڪيا پيا وڃن، مختصر مدي جي لاءِ گهريلو ٽرمينلز جي موجوده صلاحيت کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ورچوئل پائيپ لائين لائيسنس جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ جو ڪم جاري آهي ۽ سمورين رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم عمران خان ??دايت ڪئي ته ملڪ ۾ گئ?? جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي ڇو ته اهو قدرتي گئس جو سڀ کان سستو ذريعو آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ ۽ سيڙپڪارن پاران ??رچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت، پيٽروليم وزارت ۽ اوگرا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي هڪ ٻئي سان رابطو رکن ۽ سيڙپڪارن سميت ٻين سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. وز??راعظم نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي اهميت تي زور ڏي??دي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل مقرر مدي ۾ وڌيڪ دير کانسواءِ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.