اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي ل??ءِ اسان کي ان جي ٻڌايل ??صولن کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي ل??ءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيت??، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. صدر عارف علوي قائداعظم جي 145 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي اهم اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ اسان کي نظم ۽ ضبط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي ل??ءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي خوشحالي جي ل??ءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل ??بقن جي ڀلائي کي او??ين ترجيح ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط ملڪ بڻائينداسين، پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.