اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي ج??اح پاڪستان ک?? اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جي??و ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي ج??اح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم محمد علي ج??اح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ج??اح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جي??و علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن ک?? قائداعظم محمد علي ج??اح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اسان جا سمورا قدم قائداعظم جي سوچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي ج??هن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد علي ج??اح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد علي ج??اح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.