اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته افغانس??ان جي موجوده صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغان عوام جي مدد لاءِ عالمي فنڊ جو قيام ۽ افغانس??ان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي مقرري اهم ڪاميابي آهي، اميد آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر مل??ن کانسواءِ ٻيا مل?? به ان فنڊ ۾ حصو وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي خوش آئنده آهي، اميد آهي ته ان سان خطي خاص طور تي افغانس??ان ۾ بهتري ايندي. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿيڻ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪاميابي هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئن??ه ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص طور تي افغانس??ان جي صورتحال ۾ بهتري ايند??، هن چيو ته ان اجلاس جي هڪ اهم ڪاميابي اها آهي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي افغانس??ان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آه??، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏيندو، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبان جي نمائندي سان ملاقات به ڪئي، اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪاميابي افعانس??ان جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام آهي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ميمبر مل?? پر ٻيا مل?? به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار افغانين جي مدد ٿي سگه??، هن چيو ته اجلاس ۾ افغانس??ان لاءِ حوصلا افزا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اميد آهي ته افغانس??ان جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته افغانس??ان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم ??ان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.