اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ??سٽرڪٽ اينڊ راوي ا??بن ڊولپمينٽ منصوبي ??ي باري ۾ جائزه اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينٽرل بزنس ??سٽرڪٽ ۽ راوي ا??بن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيري?? جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ??سٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.