اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونيئرن سان رابطو ڪيو ۽ عظيم قرباني ۽ قوم جي لا??ِ خدمتن تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي 6 ڊسمبر تي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر راجا ذيشان جهانزيب ۽ ميجر محمد عرفان برچا جي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي 27 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ ف??جي جوانن جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلند لاءِ دعا ڪئي. صدر لانس نائيڪ عارف ۽ نائيڪ ??حم??ن جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 8 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي غفور جان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي صدر عظيم قرباني ۽ قوم جي لا??ِ خدمتن تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.