اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پ?? اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پ?? اين اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي نين ذميدارين تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سي پ?? اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پ?? اين اي جو ڪردار واکاڻ جوڳو ??هي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ۽ بنيادي حق ت?? ڪامل يقين رکي ٿي. چوڌري فو??د حسين چيو ته ملڪ ۾ آزادي صحافت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي لاءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتر?? ۽ ??يڊيا صنعت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ صحافتي برادري جي اميدن تي پ??رو لهندا.