اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جدوجهد سان پاڪستان جي ماڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو، ماحولي??تي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي، الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ انسان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي، اشرافيه پاڪستان جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل آهي، قانون جي ??دم حڪمراني جي ڪري پاڪستان پنهنجي ??لاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري اسلامي اسڪالر شيخ حمزه يوسف سان آن لائين ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو جيڪو زيتونه ڪاليج جو صدر هجڻ سان گڏوگڏ مسلم حياتيات، قانون، فلسفي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي مضمونن ۽ مقالن جو ليکڪ پڻ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيڪڏهن ??تي قانون جي ??ڪمراني نه هجي. هن چيو ته مهذب معاشري جو بنيادي اصول قانون جي ??ڪمراني آهي جتي توهان طاقتور کي قانون جي ??ائري ۾ آڻيو ٿا. هن واضح ڪيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قانون جي ??ڪمراني جو نه هجڻ آهي، جتي اميرن جي لاءِ هڪ ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ ٻيو قانون آهي ۽ جيلون به غريبن سان ڀريل آهن. هن چيو ته قانون جي ??ڪمراني نه هجڻ جي ڪري نه رڳو عوام جي ??ڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم آهي پر ملڪ به پنهنجي ??لاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو، ملڪي وسيلن تي اشرافيه جي قبضي جي مسئلي جي ڪري پاڪستاني عوام جي ??ڪثريت صحت، تعليم ۽ انصاف جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان جي ??وام به باصلاحيت آهي. ميرٽ جو تعلق به قانون جي ??ڪمراني سان آهي. جيڪڏهن توهان وٽ معاشري ۾ ميرٽ ڪريسي نه آهي ته اشرافيه قابض ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ڪڏهن ڪا جدوجهد ئي نه ڪئي هوندي آهي اهو به اهم عهدن تي فائز ٿي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته ماڻهو زوال پذير ناهن ٿيندا پر اشرافيه ئي زوال پذير ٿيندي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نبي ڪريم ﷺ جي مديني جي ??ياست جي ??صور موجب هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته اسان پاڪستان جو بنياد ٻن اصولن تي رکڻ چاهيون ٿا، جن ۾ پهريون اصول فلاحي ۽ انساني رياست آهي جيڪا معاشري جي هيٺئين طبقي جو خيال رکي ۽ ٻيو اصول قانون جي ??ڪمراني آهي. وزيراعظم عمران خان موسمي??تي بحران جي ??والي سان ڳالهائيندي چيو ته ماحول جو تحفظ هڪ مقدس فرض آهي پر جيڪڏهن توهان ان مقدس عمل کان مڪمل لاتعلق ٿي وڃو ٿا ۽ رڳو ماديت پرست ٿي وڃو ٿا ته ائين ئي ٿيندو آهي جيئن هن وقت دنيا ۾ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مقدس جو بنيادي مطلب ٻين جو احساس ۽ همدردي آهي. هن چيو ته دنيا جي ??ڀ کان وڏي ماحولي??تي تباهي جنهن کي موسمي??تي تبديلي جو نالو ڏنو وڃي ٿو ان جي ڪري انسان قدرت کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي ته آخرت جي لاءِ ائين جيئو جيئن توهان کي سڀاڻي ئي مري وڃڻو آهي، پر توهان جا اعمال اهڙا هجڻ گهرجن جو جيڪڏهن توهان سڀاڻي مري وڃو ته الله تعاليٰ جي ??ڏو حساب ڏئي سگهو پر دنيا ۾ ائين جيئو جيئن هزار سال جيئڻو آهي. وزيراعظم چيو ته توهان موجوده وقت ۾ جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيو توهان کي ان جي ??ثرن بابت سوچڻ گهرجي ??يڪي انسانيت تي وڌيڪ هزار سالن تائين پوندا. هن چيو ته اهو نبي ڪريم ﷺ جو عظيم فرمان آهي ڇو ته انهن ماحوليات ۽ زمين بابت فرمايو آهي ته ان تي ??هڙي طرح زندگي گذارڻ گهرجي، نبي ڪريم ﷺ هر شيء?? جو مڪمل احاطو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ماحولي??تي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انسان الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته انسان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سياسي نظام جي ??ريعي جيڪا قيادت سامهون آئي اها عقيدي جي ??صولن کان بلڪل جدا ٿي وئي، اها اقتدار جي لاءِ آئي ۽ ان اقتدار ۾ رهڻ جي لاءِ ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي سياستدانن اقتدار ذ??تي فائدي جي لاءِ حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ دنيا ۾ اڪثر سياستدان پنهنجي مفاد ۽ پئسو ڪمائڻ جي لاءِ ئي اقتدار ۾ اچن ٿا. بدقسمتي سان تمام گهٽ نيلسن منڊيلا وانگر هئا جيڪي ڪنهن اعليٰ مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ آيا. وزيراعطم عمران خان چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح اها شخصيت هئي جيڪا هڪ عظيم مقصد جي لاءِ آئي هئي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته موجوده دور ۾ سياستدانن کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ڇو ته اهي چون ٿا ته اسان عوام جي ??دمت لاءِ آيا آهيون پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي ??ات جي ??ي خدمت ڪن ٿا. هن چيو ته آئون پنهنجي ??قيدي جي ڪري سياست ۾ آيو آهيان. مون وٽ سڀ ڪجهه هو. اسپورٽس اسٽار جي ??يثيت سان اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ منهنجو هڪ وڏو نالو هو ۽ مون وٽ دولت ۽ شهرت هئي. ان لاءِ 22 سالن تائين جدوجهد ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو وزيراعظم بڻجڻ نه هو. ان جو سبب رڳو اهو هو ته مون کي يقين هو ته معاشري جي لاءِ منهنجي ڪا ذميواري بڻجي ٿي ڇو ته مون کي ٻين کان وڌيڪ عطا ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن مذهبن موجب انسان جي ??زمائش اها آهي ته ان کي جيڪو ڏنو ويو آهي ۽ انهي موجب ان جو حساب ورتو ويندو. هن چيو ته اسان جو خدا اسان کي سموريون نعمتون ڏئي آزمائيندو، آئون سياست ۾ ان لاءِ آيس ڇو ته مون کي ان تي يقين هو مون محسوس ڪيو ته آئون تمام گهڻو خوش قسمت آهيان جو مون کي معاشري جي لاءِ ذميواري ملي آهي. هن چيو ته آئون ذ??تي مفادن ۽ اقتدار جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ نه آهيان. وزيراعظم چيو ته انسان جي وس ۾ جدوجهد ڪرڻ هوندو آهي ڪاميابي الله جي ??طا آهي. هن چيو ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ مديني جي ??ياست قائم ڪئي ته پاڻ ﷺ انهن ماڻهن جي ??لاحيتن کي اجاگر ڪيو جيڪي سڀ جا سڀ رهنما بڻجي ويا. هن چيو ته ماڻهو هڪ جهڙي سازگار ماحول جي لاءِ پاڪستان کان ٻاهر وڃن ٿا ۽ ??تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ سيڪڙو عوام کي معياري تعليم تائين پهچ حاصل آهي جڏهن ته ٻين وٽ موقعا ئي نه آهن. هن چيو ته موجوده پاڪستان ۾ جدوجهد سان پاڪستان جي ماڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو. ملڪ ۾ عوامي ڀلائي جي ??والي سان هڪ سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو فلاحي پروگرام شروع ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ، دولت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۽ اشرافيه ۽ مافياز جي هڪ هٺيء?? جو خاتمو آهي. هن چيو ته اهو سچ آهي ته عقيدو انسان کي باوقار بڻائي ٿو ۽ انهي سان انسان کي آزادي ملي آهي. وزيراعظم چيو ته امير اهو هوندو آهي جنهن جو ضمير خريد نه ڪري سگهجي. هن چيو ته خوداعتمادي انسان جي ??ڀ کان وڏي خوبي آهي.