اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي ??هترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان ک?? ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ماضي جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ ??ائ??دار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ دليراڻي انداز سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ??يڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي ميت کي ??سلامي رسمن سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ انتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ??ي آئينو پڻ ڏيکاريو، الحمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.