اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته ??فغ??ن سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪرائي آهي ته ??فغ??نستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، ??فغ??نستان ۾ ??فغ??ن عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪستان ??فغ??نستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته اسان کي به اهڙي طرح خاطري ڪرائي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته ??فغ??ن حدون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ ??فغ??نستان ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن شرط با??ت پاڪستان جي موقف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پاڪستان لاءِ به اها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون کي اميد آهي ته ??فغ??نستان جي نئين حڪومت پاڪستان سان به اهڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگردن جي روڪٿام با??ت هن چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان کي ??فغ??ن عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ با??ت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشاورت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين اسان کي ان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پاڪستان جي اعتماد جوڳي هجڻ با??ت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي اسان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت سان امن يقيني بڻائڻو آهي. هن ??فغ??نستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد با??ي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل ??هي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا ??فغ??نستان ۾ سوويت مداخ??ت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال جي نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته ??فغ??نستان جي صورتحال جي لاءِ پاڪستان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته ??فغ??نستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا ??فغ??نستان ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪي?? آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار با??ت صدر چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب ??فغ??نستان کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. ??فغ??نستان ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پاڪستان 40 لک ??فغ??ن پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي ??فغ??ن عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به صلاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي با??ت پاڪستان جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ذڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.