ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي ??دد ڪندي، خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آهي، نيون اسپتالون ٺاهڻ جي ??اءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي ??کيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظه??ر هن صحت سهولت ڪارڊ جي ??راهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ??يمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ??ه هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي رياست هئي ۽ اتي سڀني ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي ??فت سهولت تمام وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مديني جي رياست دنيا جي ??هرين فلاحي رياست هئي، دنيا ۾ مديني جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ??ارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتالن جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي ??رڪزن جي ش??سي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آهي.