اسلام آ??اد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي??َ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقا?? دوران پاڪستان ۽ برطا??يه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطا??يه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ برطا??يه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطا??يه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.