اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن و??ري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وزيراعظم عوام کي ريليف ڏئي انه?? جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ته بدعنوان عنصر?? جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن و??يراعظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ا?? جي ڪا ضر??رت نه هئي. علي محمد خان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر آهي جن و??يراعظم عمران خا?? جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران خا?? جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.