اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪر??چي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، وا??عي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪر??چي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪ??هن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پ??لي?? مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته وا??عي ۾ پ??لي?? جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پ??لي?? مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪر??چي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها وا??عي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ وا??عي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.