اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ اسان کي ڦاسائي??دڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪم??شن ۾ ڦاسي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ??ار??نن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ??ار?? ۽ ٻين دستاويزن جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪم??شن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿن جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪم??شن وڃي پنهنجي فارن فنڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائي، پي ڊي ايم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ايم جو آخري پتو اليڪشن ڪم??شن جي سامهون احتجاج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪم??شن آڏو احتجاج منهن جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سي??ريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.