وفاقي گهرو وزير جو بنون ۾ 3 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

image

اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ ٽن خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز هر موقعي تي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته بنون ۾ 3 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي ناز آهي. گهرو وزير چيو ته خوارجي دهشتگردي پاڪ ڌرتي تي بار آهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے
متعلقہ مضامین
مزید خبریں