نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم سان ملاقات

image

بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم ڊنگ زوڪسيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن سال 26 مارچ تي شانگلا حملي تي چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي خاطري ۽ مارجي ويل چيني ڪارڪنن جي خدمتن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي واپار، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن خنجراب بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي رابطن ۽ ويزا جي آسان نظام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار کي برقرار رکڻ ۽ پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سي پيڪ پاران اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن صنعت، زراعت ۽ معدني ترقي جي شعبن ۾ ٻئي مرحلي تحت مثبت منافعي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زوڪسيان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے
متعلقہ مضامین
مزید خبریں