ازبڪستان جو پرڏيهي وزير 8 مئي تي پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچندو

image

اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف 8 ۽ 9 مئي تي اسلام آباد جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جو پرڏيهي وزير دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. بيان موجب جمهوريه ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملڻ جي اميد آهي.

مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث
متعلقہ مضامین
مزید خبریں