منشيات فروش اسان جي نوجوان نسل ۽ پاڪستان جي مستقبل جي تباهي چاهين ٿا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته منشيات فروش اسان جي نوجوان نسل ۽ پاڪستان جي مستقبل جي تباهي چاهين ٿا، انهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گهرو وزارت، اسلام آباد انتظاميا ۽ آءِ جي اسلام آباد سان گڏ اجلاس ٿيو آهي. هن چيو ته منشيات فروش اسان جي نوجوان نسل ۽ پاڪستان جي مستقبل جي تباهي چاهين ٿا، انهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي تعليمي ادارن ۾ نشي جي ڪاروبار جي خاتمي لاءِ ذاتي طور تي نگراني ڪندو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں