اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي، سمورين معاشي مشڪلاتن جي باوجود هائي?? ايجوڪيشن جي حوالي سان مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت هائي?? ايجوڪيشن لاءِ مختص فنڊن جي بنا رنڊڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هايئ?? ايجوڪيشن بابت معاملن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.