نيب قانون ۾ ترميم جو مقصد ترقي جي ڦيٿي کي تيز ڪرڻ آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP26-30 ISLAMABAD: December 30 – Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan talking to media after inaugurating Photographic Exhibition in connection with Birth Anniversary Celebrations of Quaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah . APP

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ترقي جي ڦيٿي کي تيز ڪرڻ آهي، مخالف ڌر نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کانسواءِ ئي تنقيد براءِ تنقيد تي عمل ڪري رهي آهي، اين آر او متعارف ۽ فائده کڻندڙ به نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب آرڊيننس ۾ ديانتدار ۽ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي جهڙن ادارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ايف آءِ اي کي مرضي سان سوالناما ڏنا ويندا رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڪو ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيندو آهي ته اها ئي تبديلي آهي.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ