اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف شام ۾ وڏي زلزلي سان ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم ش??باز شريف شام جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. پاڪستان شام جي بهادر عوام ۽ حڪومت جي هر م??ڪن مدد ڪندو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي تباهي دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته اها موسمياتي تبديلين جي خطري جي مقابلي لاءِ متحد ٿئي.