اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ متحده ع??ب امارات جي ??اڊل تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجهو آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضافو آهي، ۽ متحده ع??ب امارات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. امارات نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته گوادر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشنل ٿي ويو آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، متحده ع??ب امارات جي ??زيراعظم شيخ محمد سان پنهنجي ??لاقات ۽ پاڪستان ۽ متحده ع??ب امارات جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 50 هين سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ان سان ملي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، دبئي ڪاروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي ??سيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌايو ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇاڪاڻ جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ٿو ته هن ڪهڙي طرح تبديلي جي ??يادت ڪئي ۽ پوءِ توهان پنهنجي ??لڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ متحده ع??ب امارات جو هڪ انوکو تجربو آهي ۽ اهو اسان پاڪستان ۾ به ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته متحده ع??ب امارات سان لاڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، اسان جي ??اڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، متحده ع??ب امارات ۽ پاڪستان سد??ئين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سندس ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح متحده ع??ب امارات پاڻ کي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪيو آهي، پاڪستان متحده ع??ب امارات وانگر هڪٻئي ڪاروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن ته اسان وٽ خصوصي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، اسان وٽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي به آهي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان پنهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آهي ۽ اها سيڙپڪاري جي جنت آهي، صدر متحده ع??ب امارات جي ??دد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيا?? رکڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.