اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان شهرين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي، و??ير??عظم 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان سلسلي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ تفويض ڪيون وينديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ شهرين کي جزوي ريليف جو اشارو ڏنو ويو هو. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته 773 وفاقي ادارن جون 43 هزار 351 شڪايتون کوليون وينديون ??ڏه?? ته صوبائي حڪومتن جي 2450 ادارن جون 40 هزار 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وينديون. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وفاقي سطح تي سڀ کان وڌيڪ 3181 شڪايتون ??ئيسڪو جون کوليون وينديون ??ڏه?? ته صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بلوچستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون ??رفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته و??ير??عظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻايو ويندو.