اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه ??رف?? سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تن??يم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه ??رف?? ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه ??رف?? سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس جي پرڏيهي وزير کي اپريل 2021ع ۾ ڪيل پ??ڪس??ان جي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته روس سان ٻه ??رف?? ناتا پ??ڪس??ان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحات ۾ شامل ??هن. پ??ڪس??ان، روس سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي رابطن س??يت اهم علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام لاءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي برادري افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد لاءِ اڳيان وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪس??ان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن فار واپار ۽ ٽريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پ??ڪس??ان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:39