اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حضرت امام حسين رضه ??ي چاليهي جي موقعي تي صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميا کي فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي معاونت فراهم ڪرڻ، ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ، ڪابينا اليڪٽرانڪ سرٽيفڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جي ملازمن جي پگهارن ۾ ترميم جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن جي منظوري جڏهن ته عالمي ٽيڪس ٽر??ٽي بابت قدمن جي حوالي سان مل??ٽي ليٽرل ڪنوينشن جي توثيق ڪئي، وفاقي ڪابينا روزاني جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اصافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.