اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت اڏاوتن ۽ ايس ايم ايز جي ف??وغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون پر سموريون ممڪن مراعت??ن به فراهم ڪيون وينديون. هو سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير حماد اظهر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي ف??از، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر جو چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.