ڪراچي – 03 آگسٽ ( اي پي پي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال دهشتگرد مودي سرڪار ڪشمير تي ظلم، ڏاڍ، جبر ڪندي غير آئيني طور تي آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشم??ري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو هو. پنج آگسٽ 2020 تي مودي سرڪار جي دشتگردي کي 365 ڏينهن مڪمل ٿ??ڻ وارا آهن. هڪ سال دوران 13582 ڪشم??ري ماڻهن کي مودي سرڪار گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، 1331 نوجوان کي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو. هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪري ان جي ڏوهٽي کي مٿان ويهاريو ويو اهو ظلم پوري دنيا ڏٺو. هڪ هزار کان مٿي ڪمش??ري عوام جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا و??ا و??ا آهن. پوري سال کان ڪشمير ۾ موبائل سروس، انٽرنيٽ، سميت سمورو مواصلاتي نظام بند پيل آهي مودي سرڪار نٿي چاهي ٿي سندس دشتگردي دنيا ڏسي. انهي عرصي ۾ هڪ لک چوئيتاليهه هزار پنج سو ڪشم??ري نوجوانن کي لاڪ ڊائون لڳائي بي زورگار ڪيو ويو.