لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيرا??ظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيرا??ظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ??ي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيرا??ظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪ??مت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته ??راجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.