اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??اب??نا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان ??شاورت کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ سان گڏ باقي شعبن کي مرحليو??ر کوليو ويندو، ??اب??نا ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀارت پاران ??الاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ ??ي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ حڪومت پاران ڀارت سان سمورين شين جي درآمد تي پابندي لڳل آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان ??ابندي کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي، وفاقي ??اب??نا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائيزر ۽ چانورن جي برآمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان ??اڪستان حڪومت، اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي باضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر کي هم آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريف??گ ڏيندي ڪيو.