اسلام آباد – 06 ?? نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران ??زيراعظم ۽ هائي ڪمشنر ڪئناڊا پاڪستان ??طرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي پروگرام، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران ??زيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي حڪومت پاران ترجيحي شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي معيشت جي استحڪام، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي تي روشني ??ڌي. ڪينيڊين هائي ڪمشنر پاڪستان حڪومت پاران ڪئناڊا جي افغان ري لوڪيشن پروگرام جي لاءِ ڪيل حمايت کي ساراهيو.