واشنگٽن -8 مئي(اي پي پي) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارخاني ۾ پاسپورٽ ڊي سي جي نالي سان ساليانو پروگرام منعقد ٿيو جنهن ۾ عالمي شهرت يا??ته پاڪستاني ٽرڪ آرٽ، روايتي لباس، جواهرات، آرٽ نما، فرنيچر، قالين ۽ مزيدار کادن ج?? نمائش ڪئي وئي. پاڪستاني سفارتخاني ۾ گذريل ڏينهن منعقد تقريب ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستاني ڄايل آمريڪي شهري، سفارتڪار، آمريڪي اختيارين، ٿن?? ٽينڪ ڪميونٽي، غير سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا سميت زندگي جي سمورن شعبن سان واسطو رکندڙ مردن عورتن ۽ ٻارن ملڪي ثقافت جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. تقريب پنهنجي مقرره وقت کان اڳ ۾ شروع ٿي ۽ ٻنپهرن تائين ج??ري رهي. هتي وڄائي ويل پاڪستاني موسيقي ماڻهن ج?? ڌيان ج?? مرڪز بڻو.